انڙ علي نواز

انڙ علي نواز

علي نواز انڙ

علي نواز انڙ : ڄام رئيس علي نواز خان انڙ نوجوانيءَ ۾ ئي مسلم ليگ ۾ شموليت ڪري سياست جي ميدان ۾ وک رکي ۽ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هو ارڙهن سالن جي عمر ۾ لاهور ۾ مسلم ليگ جي 1940ع واري تاريخي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان بابت ٺهراءُ بحال ٿيو. مسلم ليگ ۾ شموليت دوران مسلم ليگ نيشنل گارڊ، نواب شاهه جو سالار اعظم ۽ ضلعي نواب شاهه جو وائيس چيئرمئن به رهيو. 1958ع ۾ بنيادي جمهوريت جي نظام هيٺ پهريائين ميمبر ۽ پوءِ يونين ڪائونسل قاضي احمد جو چيئرمئن ٿيو. 1970ع واري جنرل اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، بعد ۾ هن پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ضلعي رابطا ڪميٽيءَ جو چيئرمئن منتخب ٿيو. مختلف عهدن تي فائز هوندي ذاتي خرچ سان قاضي احمد شهر ۾ پنهنجا پلاٽ ڏئي، عوام جي سهولت لاءِ پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول تعمير ڪرايائين ۽ شهر ۾ بجلي، ٽيليفون ۽ بئنڪ جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرايائين. 1958ع ۾ شهر ۽ پسگردائيءَ جي ماڻهن جي علاج جي سهولت لاءِ پنهنجي زمين ڏيئي ’هيلٿ سينٽر‘ قائم ڪرايائين. 1970ع ۾ جانورن جي اسپتال لاءِ پنهنجي زمين ڏنائين ۽ حڪومت طرفان ’نور ماڊل وليج‘ قائم ڪرايائين. جنهن ۾ مسجد، مڊل اسڪول، اسپتال ۽ 25 گهر ٺهيا، قاضي احمد شهر جي خوبصورتيءَ لاءِ ’ڪميونٽي سينٽر‘ ۽ ڪتب خانو تعمير ڪرايائين. علي نواز انڙ سياحن ۽ شهر واسين جي سير تفريح لاءِ ’فش ليڪ‘ (مڇيءَ جو تلاءُ)، ميوزيم ۽ لکين رپين جي پنهنجي ذاتي خرچ سان وڏي ايراضيءَ ۾ ’ناز باغ‘ تيار ڪرايو، جيڪو سنڌ جو ’شالامار‘ جي نالي سان مشهور آهي. ان کان سواءِ هن باغ جي آخر ۾ هڪ وڏو ’سفاري پارڪ‘ ٺهرايو. رئيس علي نواز انڙ سماجي، سياسي ڪمن سان گڏ زراعت جي ميدان ۾ پڻ اڳڀرو رهيو هو. ملڪ جو ترقي پسند آبادگار هو، زرعي حوالي سان هن دنيا اندر ايندڙ تبديلين ۽ سڌارن کي پنهنجي زمين ۽ باغ تي لاڳو ڪيو. 1940ع کان جديد طريقن سان زراعت جي آباديءَ جو سلسلو شروع ڪرايائين. 1954ع ۾ وليج ايڊوائزري دور ۾ جيڪي علائقائي زرعي نمائشون ٿيون، تن ۾ ميوي، ڀاڄين ۽ ٻين زرعي جنسن جي نمائش ۾ رکيل چاليهن انعامن مان ٻٽيههاول ڪپ‘ انعام حاصل ڪيائين. کيس سماجي خدمتن جي عيوض 1960ع ۾ ’تمغه قائداعظم‘ پڻ مليو. رئيس علي نواز 31 آگسٽ 2007ع تي وفات ڪئي.


لفظ علي نواز انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو